شهدادڪوٽ ( ڊ ر ) شهر جي مختلف پاڙن جي رهواسين جو برساتي ۽ نالين جو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي، پاڻي نيڪال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. شهدادڪوٽ ۾ قبو سعيد خان روڊ، مسڻ پاڙي، نوڪر پاڙي سميت مختلف پاڙن جي رهواسين جو مين روڊن ۽ سندن پاڙن مان برساتي پاڻي ۽ نالين جو گندو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ واري عمل خلاف حاڪم بروهي، حبدار لغاري، علي دوست بليدي، امام علي بروهي، جميل ريٽي، نادر بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فائر برگيڊ چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ميونسپل ۽ پبلڪ هيلٿ انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته قبي سعيد خان روڊ، مسڻ پاڙي، نوڪر پاڙي، بگو روڊ جا رهواسي ميونسپل ۽ پبلڪ هيلٿ انتظاميه جي نااهلي ڪري سخت تڪليف سان گڏ عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته برسات کي هڪ هفتو گذرڻ باوجود ميونسپل انتظاميه شهر جي ڪيترن ئي پاڙن مان گندو نالين، ۽ برسات جو پاڻي نيڪال ناهي ڪرائي سگهي جنهن ڪري ماڻهن کي مسجدن، گهرن، دڪانن ڏانهن وڃڻ ۾ سخت تڪليفن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي ۽ ڪاروبار پڻ ٺپ ٿي ويو آهي. جيڪو عمل ميونسپل ۽ پبلڪ هيلٿ انتظاميه جي پت وائکي ڪري ٿو. هنن چيو ته مختلف پاڙن ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ميونسپل ۽ پبلڪ هيلٿ انتظاميه سستي جي ڪري روڊن کان گذرندڙ پاڻي جي ڀڳل پائيپن جي مرمت ڪرائي مسئلو حل پڻ ناهي ڪرائي سگهي ڪرڻ افسوس جو انتظاميه مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. هنن چيو ته ماڻهن کي لاش قبرستانن ڏانهن کڻي وڃڻ ۾ نالين جي ڪني پاڻي مان گذرڻو پوي ٿو جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. هنن ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مختلف روڊن تان پبلڪ هيلٿ انتظاميه جي ڀڳل پائيپن ۽ نالين جو گندو پاڻي نيڪال ڪري ۽ صفائي سٿرائي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب راند شروع نه ٿي سگهي
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل
پارليمنٽ گڏيل اجلاس،صدر جو خطاب،اپوزيشن جو احتجاج
پي ٽي آءِ وارن سان ملڪ دشمن جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف
اڊيالا جيل ۾ دهشتگرد حملي جو خدشو ظاهر
عدالتي معاملن ۾ مداخلت، بار جو سپريم ڪورٽ سان رابطو
قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
نواز شريف چوندو آهي ته پاڙيسري سان نه وڙهڻ گهرجي: مريم نواز
پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، رپئي جو قدر نه گهٽبو
9 مئي سانحي وارا اڄ ملڪي مفاد تي حملا پيا ڪن: تارڙ
ڪي پي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ ڊينگي پکڙجڻ جو امڪان
پرويز خٽڪ پاران پ پ ۾ شموليت لاءِ ڪوششون تيز
مدي خارج آءِ ڊي ڪارڊن تي جاري سمون بند ڪرڻ جو حڪم