سجاول(ن سنڌيار) سجاول ضلعي ۾ تازين برساتن جي تباھ ڪارين بابت سنڌ حڪومت سموري صورتحال کان واقف آھي ۽ ان ڏس ۾ چيئرمئن بلاول ڀٽو زرداري پڻ مسلسل رابطي ۾ آهي. اھڙين ڳالھين جو اظھار سنڌ حڪومت پاران سجاول ضلعي ۾ برساتن جي صورتحال کي مانيٽر ڪرڻ لاء مقرر ڪيل وزير اعليٰ سنڌ جي بين الصوبائي معاملن واري خاص مددگار پ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاه شيرازي دربار ھال ڊي سي ڪامپليڪس سجاول ۾ مون سون جي تيز برساتن سبب پيدا ٿيل صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ رليف ۽ ٻين انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت ھڪ اعليٰ سطحي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ريحانه لغاري، اڳوڻو ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاھ شيرازي، ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي، پ پ پ ايم پي ايز سيد شاھ حسين شاه شيرازي، محمد علي خان ملڪاڻي، سميت ضلعي جي سمورن آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايم پي اي سيد رياض حسين شآھ شيرازي سمورن واسطيدار کاتن جي عملدارن کي ھدايت ڪئي ته برسات متاثرن کي علاج معالج، کاڌ خوراڪ، خيما ۽ ٻيون سموريون گهربل سھولتون فراھم ڪرڻ سميت سندن سھائتا لاء ھر ممڪن اپاءَ ورتا وڃن تہ جيئن کين مشڪلات کان بچائي سگهجي. گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ سجاول ضلعي ۾ تازين برساتن سبب عوام جي ٿيل نقصانن بابت تفصيلي رپورٽ سنڌ حڪومت کي پيش ڪئي ويندي ته جيئن متاثرين جي جلد کان جلد مدد کي يقيني بنائي سگهجي. ھن چيو تہ ھن ڏکئي وقت ۾ پنھنجي عوام سان گڏ آهيون ۽ کين ڪنھن بہ صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. گڏجاڻي ۾ برساتن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال، رليف واري ڪم سميت نقصانن جو تفصيلي جائزو پڻ ورتو ويو.










