ٺٽو(ن سنڌيار) گورنمنٽ پرائمري اسڪول جھنگلي ميربحر جي بلڊنگ ھلندڙ برساتن دوران اسڪولن جي موڪلن ۾ ڌماڪي سان ڪري پٽ پئجي ويئي، جنھن ڪري پھرين آگسٽ کان اسڪول ھلڻ دوران شاگردن کي پٽ تي ويھي تعليم پرائڻ تر مجبور ٿيندا، مقامي رھواسين ضلعي انتظاميہ، چونڊيل نمائندن سميت تعليم کاتي کان مطالبو ڪيو اھي تہ برساتن دوران ڊھي پٽ بڻيل ڳوٺ جھنگلي ميربحر جي پرائمري اسڪول جي بلڊنگ جي نئي سر تعمير ڪرائي اسڪولي شاگردن کي گرمي توڙي سردي کان بچائي کين بھتر ماحول ۾ تعليم ڏني وڃي.










