سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگر جيمز پيٽنسن کي ميچ دوران رانديگر سان بداخلاقي ڪرڻ تي ٽيم مان معطل ڪيو ويو آهي جنهن ڪري هو پاڪستان خلاف برسبين ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ ميچ ۾ کيڏي نه سگهندو. آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم جيمز پيٽنسن جي ڏوهه جا تفصيل ته ناهن ڄاڻايا پر ايترو ضرور آگاهه ڪيو آهي ته هن وڪٽوريا ۽ ڪوئزلينڊ وچ ۾ ٿيندڙ ڊوميسٽڪ ميچ جي فيلڊنگ ۾ پنهنجي حريف رانديگر سان بدڪلامي ڪئي هئي جنهن کان پوءِ ان کي معطل ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي هو پاڪستان خلاف برسبين ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ ميچ ۾ به شرڪت نه ڪري سگهندو. جيمز پيٽنسن جو چوڻ هو ته ميچ ۾ گرما گرمي ۾ ٿيندڙ حرڪت تي معذرت خواهه آهيان ۽ مون کي افسوس آهي ته مان پهريون ٽيسٽ ميچ نه کيڏي سگهندس پر قانون سڀني لاءِ هڪ جهڙو آهي ان ڪري مان پنهنجي غلطي ۽ سزا کي قبول ڪيان ٿو. واضح رهي ته خميس کان شروع ٿيندڙ هن ميچ جي 11 رانديگرن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ جيمز پيٽنسن ۽ مچل اسٽارڪ ۾ سخت مقابلو هيو هاڻي جيمز پيٽنسن جي معطلي مچل اسٽارڪ جي جڳهه پڪي ڪري ڇڏي آهي.










