دڙو (ن سنڌ يار) ٻنون ۾ نامعلوم چورن طرفان واپاري امتياز ميمڻ جي ميڊيڪل اسٽور جا شٽر ٽوڙي ھزارين روپين جي چوري، پوليس طرفان جوابدارن جي گرفتاري لاء پيرا ڀيٽ، ڪوبہ جوابدار گرفتار نہ ٿيو، رپورٽ موجب ٻنون ۾ بدامني ٻيھر ڪَر کنيو آھي، نامعلوم چورن اڄ صبع فجر جي ٽائيم تي واپاري امتياز ميمڻ جي ميڊيڪل اسٽور جو شٽر ٽوڙي لاڪر مان ھزارين روپيہ نقد رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا، واپاري امتياز ميمڻ جيئن ئي صبع دوڪان کولڻ لاء پھتو تہ شٽر ٽٽل ھو، ٻنون پوليس واپاري امتياز ميمڻ جي فرياد تي ٿيل چوري جي رپورٽ داخل ڪري پيرين جي مدد سان جوابدارن جا پيرا کنيا آھن، آخري اطلاع تائين ڪنھن بہ جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ اچي نہ سگھي آھي، ھوڏانھن ٻنون پوليس جي ايس ايڇ او گل محمد ڪاتيار جي دعوي موجب ڏوھ ۾ ملوث جوابدار جلد قانون جي گرفت ۾ ھوندا.










