بختاور جو نڪاح، بلاول هائوس ۾ خوشيون موٽي آيون

بختاور جو نڪاح، بلاول هائوس ۾ خوشيون موٽي آيون

ڪراچي  (اسٽاف رپورٽر) شهيد بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جِي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري اڄ لانئون لهندي، بلاول هائوس ڪراچي ۾ بختاور ڀٽو ۽ محمود چوڌري جو اڄ نڪاح ٿي رهيو آهي، نڪاح ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جا ويجها مائٽ شرڪت ڪندا، ذريعن جو چوڻ آهي ته بختاور ڀٽو جي شادي جِي تقريب ۾ 300 مهمانن کي شرڪت جِي دعوت ڏني وئي آهي. اڳ ۾ آرمي چيف سميت اهم سياسي، سفارتي ۽ فوجي شخصيتن کي دعوت ڏني وئي هئي پر ڪورونا سبب بعد ۾ فيصلو تبديل ڪندي، لاهور، لاڙڪاڻو ۽ اسلام آباد ۾ ڌار ڌار تقريبون منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو