ٺل(عبدالنبي) مسڻ محلا جو رهواسي قبرستان ٻاهران راند ڪندي بجلي جي کليل تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 10 ورهين جو نينگر غلام محمد ولد محمد مٺل گولو فوت ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي نينگر جو لاش کڻائي ٺل جي سول اسپتال آندو جتان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي تي بجلي جي تار لڳائيندڙن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي. نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. نينگر جي وارثن ٻڌايو ته بجلي جي تار کليل هئي،جيڪا سدائين هيٺ پئي هوندي هئي ٻه ٽي دفعا بجلي جي تار لڳائيندڙن کي اطلاع ڪيو هو پر ان تي هنن ڪوبه عمل نه ڪيو بجلي جي کليل تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب اسان جو نينگر فوت ٿيو آهي ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.










