ٽنڊوغلام حيدر (ميرحسن رند ) جاڙڪي شاخ ڀرسان ڳوٺ رمضان نظاماڻي ۾ اچانڪ بجلي جي تار مان باھ لڳڻ ڪري 3 گھرسڙي رک ٿي ويا ۽ بجلي جي تار مان لڳل باه ڳوٺ کي وڪوڙي ويئي جنھن سبب سائينداد لاشاري، پوڙھو لاشاري ۽ دلبر لاشاري جا گھر سڙي ويا. گھرن ۾ پيل کٽون، ھنڌ بسترا، اناج ۽ ٻيو قيمتي سامان پڻ سڙي رک ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي ڪڙيو گھنور فائر برگيڊ پھچي لڳل باھ کي اجهائي ضابطو آندو ۽ وڌيڪ ڳوٺ کي سڙڻ کان بچائي ورتو. ٻئي طرف باهه لڳڻ سبب متاثر خاندان جا ماڻهو هن سخت سردي ۾ کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن.










