حڪومت بجلي جو بم ڪيرائي ڇڏيو، في يونٽ ساڍا 7 روپيا مهانگو

حڪومت بجلي جو بم ڪيرائي ڇڏيو، في يونٽ ساڍا 7 روپيا مهانگو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ 3 کان 7 رپيا 50 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب ڪابينا سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته نيپرا به هلندڙ مالي سال لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت نيپرا ۾ بنيادي قيمتن ۾ واڌ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي نيپرا هاڻي ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو ڪندي.ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته نيپرا جي فيصلي کانپوءِ وفاقي حڪومت اگهه وڌائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.ذريعن موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ پهرين جولاءِ کان لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي، جنهن تحت 100 يونٽن واري گهريلو صارفين لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 3 رپيا في يونٽ واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته 101 کان 200 يونٽن جي واهپيدارن لاءِ بجلي جي اگهه ۾ 1 رپيا 50 پئسا واڌ جي تجويز آهي.ذريعن موجب 301 کان 400 يونٽس وارن لاءِ 6 رپيا 50 پئسا ۽ 400 کان 700 يونٽ وارن لاءِ 7 رپيا 50 پئسا واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو