قاضي احمد (جاويد جتوئي) آفتاب ڪالوني جو رھواسي نوجوان 30 سالن جو ڪامريڊ سڪندر علي جتوئي بجلي ڪرنٽ لڳڻ سبب بيھوش ٿي ويو وارثن پاران ديسي علاج ڪندي ڀاڻ ۾ پوريو ويو بعد ۾ کيس قاضي احمد اسپتال آندو ويو جتان کيس نواب شاھ نيو ويو پر فوت ٿي ويو. ايمبولينس نه ملڻ سبب نوجوان کي خانگي گاڏي ۾ نواب شاھ نيو ويو. ايمبولينس نه ملڻ خلاف وارثن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن خير محمد جتوئي، الھڏتو کوسو ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو ته اسپتال انتظاميا پاران وقت سر ايمبولينس نه ملڻ تي نوجوان فوت ٿي ويو. ھنن اختيارين کان گهر ڪئي ته اسپتال انتظاميا خلاف قدم کنيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. فوتي جو لاش گهر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.










