اسلام آباد(بيورو)بجلي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ حڪومت 10 ايل اين جي ڪارگوز درآمد ڪرڻ جا نوان ٽينڈر جاري ڪري ڇڏيا آهن. پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ موجب اهي ٽينڊر جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي ڪارگوز لاءِ جاري ڪيا ويا آهن.جولاءِ لاءِ ٻن ڪارگوز ۽ آگسٽ لاءِ پنجن لاءِ بوليون طلب ڪيون ويون آهن. سيپٽمبر لاءِ 3 ڪارگوز لاءِ بوليون پڻ طلب ڪيون ويون.ايل اين جي ڪارگو لاءِ بوليون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 7 جولاءِ آهي.










