بجلي 4 رپيا 69 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان

بجلي 4 رپيا 69 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو)ملڪ ۾ بجلي 4 رپيا 69 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي.سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) پاران نيپرا کي ڏنل درخواست ۾ جولاءِ جي مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ 4 رپيا 69 پئسا في يونٽ واڌ ڪرڻ جو چيو ويو آهي.سي پي پي اي موجب جولاءِ ۾ 35.17 سيڪڙو بجلي پاڻي مان ۽ 12.74 سيڪڙو ڪوئلي مان، 1.46 سيڪڙو ڊيزل ۽ 6.42 سيڪڙو فرنس آئل مان پيدا ڪئي وئي.سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ڊيزل مان پيدا ٿيندڙ بجلي جي قيمت 27 رپيا 88 پئسا في يونٽ جڏهن ته فرنس آئل مان پيدا ٿيندڙ بجلي جي قيمت 35 رپيا 69 پيسا في يونٽ مقرر ڪئي وئي آهي.سي پي پي اي موجب 10.36 سيڪڙو بجلي مقامي گيس مان ۽ 14.98 سيڪڙو درآمد ٿيل ايل اين جي مان پيدا ڪئي وئي، ايل اين جي مان پيدا ٿيندڙ بجلي جي قيمت 2 رپيا 28 پئسا في يونٽ آهي. ان کان علاوه 14.20 سيڪڙو بجلي ائٽمي فيول مان پيدا ڪئي وئي جنهن جي پيداواري لاڳت 1 رپيا في يونٽ آهي.سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جو چوڻ آهي ته جولاءِ ۾ مجموعي طور تي 13 ارب 76 ڪروڙ يونٽ بجلي وڪرو ڪئي وئي، جولاءِ جي پيداواري لاڳت 6 رپيا 28 پئسا في يونٽ مقرر ڪئي وئي جڏهن ته بجلي جي پيداواري لاڳت 10 رپيا 98 پئسا في يونٽ رهي. نيپرا سي پي پي اي جي درخواست تي 31 آگسٽ تي ٻڌڻي ڪندي ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان صارفين تي 75 ارب رپين کان وڌيڪ جو اضافي بار پئجي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو