باڊهه ٻڏي ويل نينگري جو لاش هٿ،گهر ۾ روڄ راڙو

باڊهه ٻڏي ويل نينگري جو لاش هٿ،گهر ۾ روڄ راڙو

باڊھ (ن سنڌيار) باڊھ ۾ رائيس ڪيئنال ۾ ٻڏي ويل زڪريا ڪالوني واسي نوجوان قدير چانڊيو جو لاش 26 ڪلاڪن بعد ٽوٻن جي مدد سان هٿ ڪري ورتو زڪريا ڪالوني واسي نوجوان قدير ولد غلام شبير چانڊيو گهر اڻ بڻت تي رائيس ڪيئنال ۾ ٽپو ڏئي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو اهڙو ڏکائيندڙ واقعي پيش اچڻ تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو شبير احمد سيٽار باڊھ پوليس لاء سختي جا حڪم جاري ڪندي 24 ڪلاڪ لاش برآمد جا احڪامات جاري ڪري ڇڏيا۔ ايس ايڇ او باڊھ دل جان منگسي 24ڪلاڪ اندر پنهنجي فرض ادا ڪندي 20 ٽوٻن جي مدد سان لاش برآمد ڪري ورتو۔ ان موقعي تي ايس ايڇ باڊھ دل جان منگسي ميڊيا سان ڳالهيندي چيو اسان پنهنجي بالا آفيسرن کي ڏينهن رات ڪوشش ڪري رائيس ڪيئنال ۾ گم ٿيل لاش برآمدد ڪري ورتو۔ هنن وڌيڪ چيو ڊي سي لاڙڪاڻو اي سي ڏوڪري 20 ٽوٻن ڏنا جن 24 ڪلاڪن ۾ لاش رائيس ڪيئنال ٻاهر ڪڍيو۔ جنهن کي باڊھ رولر سينٽر ۾پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ڊاڪٽرن ضروري ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو هوڏانهن لاش گهر ۾ پھڻ سان ئي روڄ راڙو متل:

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو