ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ يونيورسٽين واري وزير اسماعيل راهو جو چوڻ آهي ته سنڌ جي باشعور ماڻهن تير جي وار ڪري ٻٽ کي ٽوڙي ڇڏيو.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته بلدياتي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي شڪست عمران خان جي مقبوليت ۾ گهٽتائي جي نشاني آهي.اسماعيل راهو وڌيڪ چيو آهي ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي عبرتناڪ شڪست به عمران خان جي زوال جي نشاني آهي.هن اهو به چيو ته خان صاحب کي ڪراچي جي عوام ۾ شعور هو، ان ڪري هنن کيس رد ڪيو.










