نئين دهلي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ باسڪيٽ بال جي تاريخ جي عظيم رانديگر ليبورن جيمز کي سخت لفظن ۾ ”نسل پرست“ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. غير ملڪي ميڊيا موجب، وائٽ هائوس ۾ هڪ تقريب دوران صحافين پاران ٻنهي وڏن رانديگرن جي موازني بابت پڇيل سوال تي ٽرمپ چيو ته مائيڪل جارڊن منهنجو بهترين دوست آهي، اسان گڏجي گولف کيڏندا آهيون ۽ منهنجي نظر ۾ هو ئي تاريخ جو سڀ کان وڏو باسڪيٽ بال رانديگر آهي، جڏهن ته ليبورن جيمز هڪ نسل پرست شخص آهي. ياد رهي ته ليبورن جيمز ماضيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين تي سخت تنقيد ڪندو رهيو آهي، جنهن کانپوءِ ٻنهي جي وچ ۾ اها تڪراري صورتحال پيدا ٿي آهي.










