ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واٽر بورد کي هدايت ڪئي آهي ته روڊ ت بيٺل پاڻي هر حال ۾ ڪڍڻ جو انتظام ڪيو وڃي. اهڙو حڪم هن هنگامي طور سڏايل اجلاس جي صدارت دوران جاري ڪيو. هن مڪاني ادارن واري کاتي کي ھدايت کي ته گھٽين مان مينھن جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ ننڍا پمپ لڳايا وڃن ۽ ان سان گڏوگڏ تباھه ٿيل روڊن جي مرمت جو ڪم پڻ شروع ڪيو وڃي ۽ ڪورنگي ڪاز وي کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي. وزيراعليٰ ھائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاھه، ضيا عباس شاھه، چيف سيڪريٽري سھيل راجپوت، ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ نجم شاھه، سيڪريٽري ريھيبليٽيشن آصف ميمڻ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽريءَ وڏي وزير کي ٻڌايو تھ سندس شھر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ ڏٺو ته پاڻيءَ جي نڪاسي ٿي آھي پر ان جي باوجود ٽاور، ميمڻ مسجد، ڪي ايم سي بلڊنگ، کارادر، وزير مينشن جي ڪجھھ حصن ۽ لاڳاپيل روڊن تي پاڻي بيٺل آھي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ ضلعي ڏکڻ ۽ ضلعي اوڀر جي انڊر پاسز مان پاڻي صاف ڪيو ويو آھي ۽ انھن کي شام تائين ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو. وڏي وزير مڪاني ادارن واري کاتي کي ھدايت ڪئي تھ گھٽين مان جتي مينھن جو پاڻي بيٺل آھي اتي ننڍا پمپ لڳايا وڃن ۽ انھن کي صاف ڪيو وڃي. ھن چيو تھ تيز مينھن وسڻ جي ھڪ وڌيڪ اسپيل جي اڳڪٿي ٿي آھي، تنھن ڪري نھ رڳو سمورن روڊ ۽ گھٽين کي بحال ڪيو وڃي پر ايندڙ اسپيل لاءِ پڻ تيار ھئڻ گھرجي. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ ڪورنگي ڪاز وي کي نقصان پھتو آھي تنھن ڪري انڊسٽريل ايريا کان ڪورنگي ويندڙ متبادل رستي تي ڌٻاءُ آھي. ھن مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر شاھھ ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ کي ھدايت ڪئي تھ اھي ذاتي طور تي ڪاز وي جو دورو ڪن ۽ ھنگامي بنيادن تي ٺيڪيدارن جي خدمت حاصل ڪئي وڃي ۽ سڀاڻي کان بحاليءَ وارو ڪم شروع ڪيو وڃي. انھيءَ کان پھرين وڏي وزير ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو کي ٽريفڪ مينجمنٽ کي يقيني بڻائڻ جي ھدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو تھ تيز مينھن وسڻ سبب وزيراعليٰ ھائوس، ميٽروپول، سنڌي مسلم سوسائٽي، قيوم آباد سميت ڇھن مختلف علائقن ۾ سيوريج لائنن کي نقصان پھتو آھي جتي روڊ ويھجي ويا آھن. تنھن تي وڏي وزير واٽر بورڊ کي ھدايت ڪئي تھ اھي فوري طور تي سيوريج لائنن جي بحاليءَ وارو ڪم شروع ڪيو وڃي تھ جيئن ايندڙ ٻن ڏينھن اندر انھن کي بحال ڪري سگھجي. سيد مراد علي شاھھ مڪاني ادارن واري کاتي کي تيز مينھن سبب تباھھ ٿيل روڊن جي مرمت وارو ڪم شروع ڪرڻ جي پڻ ھدايت ڪئي.










