بابر جي سالگرهه تي ڪهڙي ٽيم جي ڪپتان ڪيڪ ڪاٽيو؟

بابر جي سالگرهه تي ڪهڙي ٽيم جي ڪپتان ڪيڪ ڪاٽيو؟

ميلبورين(ويب ڊيسڪ)ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ڪيترائي رڪارڊ رکندڙ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم اڄ پنهنجي 28هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي.آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ شروع ٿيڻ کان اڳ ميلبورن ۾ ڪپتان جو فوٽو سيشن ۽ پريس ڪانفرنس ٿي جنهن دوران آسٽريلوي ڪپتان آرون فنچ بابر اعظم جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو.ان موقعي تي بابر مختلف ٽيمن جي ڪپتانن سان گڏ ڪيڪ پڻ ڪٽيو، جنهن جي وڊيو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي شيئر ڪئي.ان کان علاوه پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بابر اعظم جي سالگرهه ۽ ڪيڪ ڪٽڻ جي هڪ وڊيو به شيئر ڪئي آهي ۽ ٻيون تصويرون به شيئر ڪيون آهن.ڪپتان ٻين ٽيمن جي ڪپتانن سان گڏ پنهنجي سالگرهه جو ڪيڪ به تمام گهڻو خوش موڊ ۾ ڪاٽيو.ان کان علاوه ٻيا پاڪستاني ڪرڪيٽر به سوشل ميڊيا تي بابر اعظم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو