بابر اعظم هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي بهترين پرفارمنس ڏيڻ لاءِ تيار

بابر اعظم هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي بهترين پرفارمنس ڏيڻ لاءِ تيار

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم هڪ کان پوءِ رڪارڊ ٽوڙيندڙ هڪ ڀيرو ٻيهر بهترين پرفارمنس ڏيڻ لاءِ تيار آهي.هن پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هو هڪ پرامن جاءِ تي آهي جنهن جي پويان سج جي ٿلهي روشني ماحول کي وڌيڪ پرسڪون بڻائي رهي آهي.تصوير جي ڪيپشن ڏيندي ڪپتان لکيو ته پنهنجي روح کي ان سان ڳنڍيو جيڪو ان کي تازگي ڏئي ٿو.پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان طرفان شيئر ڪيل ان تصوير تي سندس مداحن تبصرن ۾ لکيو ته بابر اعظم هڪ ڀيرو ٻيهر هالينڊ خلاف پنهنجي بهترين پرفارمنس ڏيڻ لاءِ تيار آهي.هن تصوير کي هينئر تائين 59 هزار کان وڌيڪ پسند ڪيو ويو آهي ۽ 2 هزار کان وڌيڪ ڀيرا ري ٽوئٽ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو