بااثر جي زيادتين خلاف زال مڙس جو احتجاج

بااثر جي زيادتين خلاف زال مڙس جو احتجاج

ٽنڊو غلام حيدر ( ن سنڌيار) ٽنڊو غلام حيدر رهواسي محمد عثمان چانڊيو ۽ سندس گهر واري شائنا چانڊيو عوامي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته 8 ڏينهن پهرين اسان جي گهر تي ڪجھ بااثر ماڻهن هلان ڪري منهنجي مڙس معصوم ٻارڙن ۽ مون مٿان سخت تشدد ڪري حراسمينٽ ڪرڻ بعد موت مار ڌمڪيون ڏئي هٿيارن جي زور تي8 هزار روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته پيش آيل واقعي جي بروقت متارا ٿاڻي تي رپورٽ پڻ درج ڪرائي سين مگر اڄ ڏينهن تائين پوليس پوسٽ متارو طرفان جوابدارن خلاف ڪابه عملي قانوني ڪاروائي نه ٿي سگهي آهي ۽ نه وري بااثر جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪيو آھي هنن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان سميت تعلقي جي لاڳاپيل پوليس اختيارين کان مطالبي جي گهر ڪندي چيو ته فوري طور معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف عملي قانوني ڪاروائي ڪري کين هڪدم گرفتار ڪيو وڃي ٻي طرف هنن الزام هڻندي چيو آهي ته متارو پوليس بااثرن کان ڳري رشوت وٺي خاموش بڻيل آهي متاثرن جو وڌيڪ چوڻ هو ته بااثر ماڻھن اسان جي گهرن گهٽين ڏانهن اچڻ وڃڻ جو رستو به بند ڪري ڇڏيو آهي هنن وس وارن کان مطالبو جي اپيل ڪندي چيو ته مون سميت گهر واري ۽ منهنجي معصوم ٻچن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ هڪدم بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان مسڪينن کي قانوني تحفظ فراهم ڪري ڏنو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو