بائيڊن جوغير ضروري تبصرو سمجهه کان ٻاهر آهي: پاڪستان

بائيڊن جوغير ضروري تبصرو سمجهه کان ٻاهر آهي: پاڪستان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان بابت آمريڪي صدر جو بائيڊن جي بيان تي پرڏيهي وزارت جو رد عمل سامهون آيو آهي.پرڏيهي معاملن واري وزارت جي هڪ سينئر آفيسر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر بائيڊن غير ضروري تبصرو جنهن حوالي سان ڪيو ان کي سمجهڻ مشڪل آهي.پرڏيهي وزارت جي سينيئر آفيسر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪيترن ئي آمريڪي صدرن ۽ آمريڪي حڪومت هميشه پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جي سيڪيورٽي ۽ ڪنٽرول کي موثر ۽ معياري قرار ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو