ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ سڀني بئنڪن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڪرنسي نوٽن کي ڪورونا وائرس کان پاڪ ڪري ماڻهن کي فراهم ڪن. اي ٽي ايم مشين ۾ به ڪورونا وائرس کان پاڪ نوٽ لوڊ ڪيا وڃن. ايران م اهو پهريون ڀيرو معاملو اٿيو هو ته ڪورونا وائرس ڦهلجڻ جو هڪ ذريعو ڪرنسي نوٽ به آهن ۽ ايراني حڪومت نوٽن جي گهٽ استعمال تي زور ڏنو هو. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر ان ڏس م ويڊيو لنڪ تي بئنڪن جي سربراهن سان اجلاس ۾ کين هدايت ڪئي ته بئنڪون انفيڪشن چيڪ ڪري پوءِ نوٽ استعمال ڪن. خاص ڪري اسپتالن سان ڏيتي ليتي ڪندڙ بئنڪن کي خصوصي اپائن لاءِ هدايت ڪئي وئي آهي.










