9 مئي  رياست ۽ آرمي چيف خلاف سازش ڪئي وئي: وزيراعظم

9 مئي رياست ۽ آرمي چيف خلاف سازش ڪئي وئي: وزيراعظم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي تي رياست ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير خلاف سازش ڪئي وئي، سازش ڪامياب ٿئي ها ته ان جا نتيجا ايترا خطرناڪ هجن ها جنهن جو سوچي به نٿو سگهجي. قومي اسيمبلي جي الوداعي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 11 اپريل 2022 تي قومي اسيمبلي اسان تي ڀروسو ڪيو هو. مدو مڪمل ٿيڻ تي رب پاڪ جو ٿورو ادا ڪريان ٿو اها تاريخ جي مختصر ترين حڪومت هئي.وزيراعظم چيو ته حڪومت سنڀاليندي ئي ايندڙ ٻوڏ سڄي پاڪستان ۾ تباهي مچائي ڇڏي. ٻوڏ اسان لاءِ وڏو چئلينج هو. ٻوڏ دوران چئني صوبن ڏينهن رات محنت ڪئي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي 80 ارب روپيه ورهايا ويا. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي شفافيت بابت سڄي دنيا کي خبر آهي.شهباز شريف چيو ته بلاول ڀٽو ۽ سنڌ جي وڏي وزير ٻوڏ دوران ڏينهن رات ڪم ڪيو. ٻوڏ دوران ڪنهن به صوبي سان زيادتي نه ڪئي وئي. ٻوڏ دوران سنڌ سڀني کان وڌيڪ متاثر صوبو هو. ٽيم ورڪ جي نتيجي ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪئي وئي.وزيراعظم چيو ته جنرل(ر) باجوه ۽ ڪور ڪمانڊر ملتان جو به ٿورو ادا ڪريان ٿو. شازيه مري، شيري رحمان جو به ٿورو ادا ڪريان ٿو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو بهترين ڊپلوميسي ڪئي. هن چيو ته 16 مهينا اهڙي قسم جي چئلينجن جو مقابلو ڪيو. مهانگائي جو طوفاني اڃان تائين رڪجڻ جو نالو نٿو وٺي. شهباز شريف چيو ته مهانگائي جا تمام گهڻا سبب آهن. گذريل حڪومت جي 4 سالن جي دور ۾ ڪيل غفلت جي نتيجي ۾ پاڪستان کي گهڻو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. اڄ ڪابينه جو آخري اجلاس آهي. چئني صوبن جي نمائندگي مخلوط حڪومت ۾ شامل هئي. 16 مهينا سمورين پريشانين جي باوجود اسان سڀني کي گڏ کڻي هلياسين. پاڪستان کي بچائڻ لاءِ اسان پنهنجي سياست کي قربان ڪري رياست کي بچايو. تاريخ هميشه اوهان ماڻهن کي ياد رکندي. وزيراعظم چيو ته تيل جون قيمتون آسمان تي پهچي ويون آهن، ڪڏهن هيٺ اينديون آهن ته ڪڏهن مٿي ٿي وينديون آهن. اسان کي سياست جي بجاءِ قومي ناڻي کي ڀرڻ جي سوچ هئي. نگران حڪومت کان پوءِ چونڊون ٿينديون جيڪا به حڪومت جهڙي طرح به ايندي اها به اسان جيان محنت ڪندي. هن چيو ته نوازشريف، آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان چوڌري شجاعت حسين، خالد مقبول صديقي جو ٿورائتو آهيان. شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام دوران اسان همت نه هاري، جيڪڏهن الله جو فضل نه هجي ها ته شايد آءِ ايم ايف پروگرام نه ٿئي ها. اسحاق ڊار جو دل جي گهرائين سان ٿورو ادا ڪريان ٿو ۽ کيس مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. قرضن کي رول اوور ڪرڻ تي چين جو به ٿورائتو آهيان. چيني نائب صدر پاڪستان جو دورو ڪري ثابت ڪيو ته پاڪستان اسان جو بهترين دوست آهي.هن چيو ته 75 سال پاڪستان کي پيرن تي بيهارڻ جون ڪوششون ٿيون پر 34 سال مارشل لا ۾ گذري ويا. پاڙيسري ملڪ اسان کان اڳتي نڪري ويا. ان جو ڪو ته سبب هوندو جو اسان پوئتي رهجي وياسين. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ٿي ته ننڍا ملڪ به اڳيان نڪري ويا اهو اسان سڀني جي لاءِ فڪر جوڳو عمل آهي. مان ان جو پنهنجو پاڻ کي ذميوار چوندس. اسان کي هاڻ ترقي ۽ خوشحالي جي سفر جي شروعات ڪرڻي پوندي. ڪيستائين قرض وٺندا رهنداسين.وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اڄ 16 مهينن دوران حڪومت ڪنهن به سياسي مخالف کي ناجائز طريقي سان تنگ نه ڪيو. سياسي مخالف کي ناجائز تنگ ڪرڻ اسان جو عمل نه هو. هڪ پارٽي جي اڳواڻ کي سزا ملي، اسان کي ان تي ڪنهن به قسم جي خوشي نه ٿي آهي. ڪنهن کي سزا ملڻ کان پوءِ مٺائي ورهائڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هن پاڪستان کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو، گذريل حڪومت ملڪ کي ڊفالٽ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو الوداعي اجلاس ختم ٿي ويو، جنهن ۾ وزيراعظم چيو ته مشڪلاتن باوجود آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو ويو، سمورين اتحادي پارٽين ان جي مڪمل حمايت ڪئي.هن چيو ته حڪومت ڏکئي وقت ۾ معيشت کي سنڀاليو، سمورن وزيرن محنت ڪئي، اميد آهي ته عوام اسان جي ڪارڪردگي ۽ مشڪلاتن کي سمجهي سگهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو