ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ديانتداري ۽ ايمانداري سبب ملڪ جي مشهور شخصيت فخرالدين جي ابراهيم المعروف فخرو ڀائي 91 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. عدم تشدد جو پيروڪار فّرو ڀائي 12 فيبروري 1928 تي ڀارتي گجرات جي شهر احمد آباد ۾ هڪ گجراتي خاندان ۾ ڄائو. هن 1949 ۾ وڪالت جو امتحان پاس ڪيو ۽ موهن داس ڪرمچند گانڌي جا ليڪچر وڏي شوق سان ٻڌندو هو. هو 1950 ۾ پاڪستان لڏي آيو ۽ ايس ايم لا ڪالج مان قانون ۾ ماسٽرز يعني ايل ايل ايم جي ڊگري ورتي. هن کي قانون جي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري به ڏني وئي. هو ذوالفقار علي ڀٽو دور ۾ اٽارني جنرل رهيو ۽ 1981 ۾ ضياءَالحق جي پي سي او هيٺ سپريم ڪورٽ جي جج طور قسم کڻڻ کان انڪار ڪيو هو. هن ڪراچي ۾ سٽيزن ليازان پوليس قائم ڪئي. هو هڪ رحمدل انسان هو ۽ هن بطور جج ڪرڪٽر شعيب اختر، سليم ملڪ ۽ محمد آصف جي حق ۾ فيصلا ڏنا. هو خاموشي سان غريب ماڻهن جي مالي مدد ڪندو هو ۽ ڪيترن تعليمي ادارن ۽ صحت مرڪزن کي فنڊ به ڏيدو هو. فخرالدين جي ابراهيم جي نماز جنازه نورباغ ميوه شاهه قبرستان ۾ ادا ڪرڻ بعد کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو. فخرالدين جي ابراهيم کي 14 جولاءِ 2012 تي اليڪشن ڪميشن پاڪستان جو سربراهه مقرر ڪيو ويو ۽ پاڪستان اندر 2013 جون عام چونڊون به انهيءَ جي نگراني ۾ ٿيون هيون. تحريڪ انصاف ۽ ٻين جماعتن چونڊن ۾ ڌانڌلي جون شڪايتون ڪيون جنهن ڪري صدارتي اليڪشن 2013 رولڙي جوشڪار ٿي ۽ پيپلزپارٽي سخت تنقيد ڪئي جنهن کان پوءِ فخرالدين جي ابراهيم صدارتي اليڪشن جي فورن بعد 31 جولاءِ 2013 تي استعيفيٰ ڏني. فخرالدين جي ابراهيم سپريم ڪورٽ جي جج کان علاوهه سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس، گورنر سنڌ، اٽارني جنرل ۽ وفاقي وزير قانون جي عهدن تي به رهي چڪو. جڏهن ته هو 1981 ۾ سپريم ڪورٽ جو ايڊهاڪ جج به رهيو. گورنر، اٽارني جنرل ۽ وزير قانون جي عهدن کان هن ۽ حڪومت وچ ۾ اختلاف سبب استعيفيٰ ڏني هئي.










