ٺل(ن سنڌيار)ٺل تعلقي جي سياست سان تعلق رکندڙ اڳوڻو صوبائي وزير مير نصير خان کوسو 80 سالن جي عمر ۾ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو۔مير نصير خان کوسو مسلم ليگ فنڪشل ليگ جو صوبائي نائب صدر ۽ بار ڪائونسل جو صدر به رهيو ،تدفين اباڻي ڳوٺ مددپور ۾ ڪئي ويندي, خبر موجب۔کوسا قبيلي جي سياست جو وڏو پائو مير نصير خان کوسو وڏي عرصي کان بيمار هجڻ ڪري ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل هو علاج دوران وفات ڪري ويو آهي سندس جي عمر 80 سال ٻڌائي پئي وڃي،مير نصير خان کوسو مسلم ليگ فنڪشل ليگ جو صوبائي نائب صدر ۽ بار ڪائونسل جو صدر به رهيو ،کوسا قبيلي جي سردار سخي عبدالرزاق خان کوسو پاران اڳوڻي صوبائي وزير مير نصير خان کوسو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مير نصير خان کوسو اصول پسند ماڻهون هو جنهن هميشه عوام جي خدمت ڪئي هن چيو ته مير نصير خان کوسو جو وڇوڙو کوسا برادري لاءِ وڏو نقصان آهي ۽ مير نصير خان کوسو جو خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو هن چيو ته مير نصير خان کوسو جي خاندان سان هن ڏک جي گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ الله تعالي مير نصير خان کوسو کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي،مير نصير خان کوسو جي تدفين سندس جي ڳوٺ مددپور ۾ ٿيندي۔










