اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير راڻا ثناءُ الله عام چونڊن بابت شيخ رشيد جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي.هڪ بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏين ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر استعيفائون قبول ڪن ته پوءِ هو يقين ڏيان ٿو ته ملڪ ۾ ضمني چونڊون نه پر عام چونڊون ٿينديون.ڪالهه اڱاري ڏينهن شيخ رشيد دعويٰ ڪئي هئي ته ملڪ ۾ ضمني چونڊ بدران نئين اليڪشن تي معاملا طئي ٿي ويا آهن.هن چيو ته قوم جلد چونڊن جي تاريخ جو فيصلو ٻڌائيندي، نئين اليڪشن ڪميشن، نگران حڪومت، قرنطينه ۾ ويٺل ماڻهو به چونڊن لاءِ راضي ٿي ويا آهن، رڳو مولانا فضل الرحمان ئي رهجي ويو آهي.










