ڪراچي (رپورٽ : باغي ساگر پنھوار ) وفاق پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڪورونا جي چوٿين لھر ۾ شھرين پاران ويڪسين نه لڳرائڻ تي سندن سوشل ميڊيا جا سمورا اڪاونٽ بند ڪيا ويندا جنهن ۾ فيس بڪ ـ واٽس ايپ ـ سم ڪارڊ توڙي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويندا. وفاق توڙي سنڌ حڪومت جي اھڙي اعلان بعد شھرين پاران ويڪسن لڳرائڻ لاء ڪراچي جي مختلف سينٽرن تي پھچي ويا آهن ته وري ڪن شھرين پاران وفاق توڙي سنڌ حڪومت جي اھڙي عمل تي ڪاوڙ جو اظھار پڻ ڪيو آهي. شھرين چيو ته اھا حڪومت جي سراسر بليڪ ميلنگ آهي جو عوام ھاڻ ان بليڪ ملنگ ذريعي الائي ڪھڙا ڪورونا جي نالي سان جوڙيل انجيڪشن لڳرائن ٿا جڏھن ته اڄ ڏينهن تائين حڪومت ان جا سائيڊ اِفيڪٽس ناھن ٻڌايا.










