اڍائي سو سال پراڻو تاريخي ورثو بچايو، سنڌ سرڪار کان مطالبو

اڍائي سو سال پراڻو تاريخي ورثو بچايو، سنڌ سرڪار کان مطالبو

ڪلوئي(غلام مصطفيٰ نهڙيو) ٿرپارڪر ۽ بدين جي دنگ ونگو پتڻ کان اڌ ڪلوميٽر ڏکڻ طرف سن ارڙهن سئو عيسوي ۾ تعمير ڪرايل قبا ڀڄي ڀورا ٿي رهيا آهن. حڪومت جي بي ڌياني سبب اڍائي سئو سال پراڻا تاريخي ماڳن ۾ ماڻهن سون ۽ چاندي جي لالچ م اچي وڏا کڏا هنڻڻ شروع ڪيا آهن جنهن سبب هي تاريخي ۽ پراڻا قبا وڌيڪ زبون حال بنجي ويا آهن. ان سلسلي م هتي جي مقامي سگهڙ قيوم راهو ۽ ڏاهي جهوني همير ميگهواڙ ٻڌايو ته هي قبا مير ٺاري خان جا آهن جنهن پنهنجي رهائشگاه طور ٺهرايا هئا هنن چيو ته مير ٺاري خان جي وفات کانپو مير باگو خان به هتي اچي رهيو هئو جنهن جي نالي پويان ٽنڊوباگو شهر آهي هنن چيو ته هنن قبن جي حڪومت پاران مالڪي نه ڪرڻ سبب تيزي سان ڊهي پٽ پئجي رهيا آهن هنن چيو ته اسان ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه کان مطالبو ٿا ڪريون ته هنن قبن جي مرمت ڪري روڊ ٺهرايو وڃي جئين سياح آساني سان اچي سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو