اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري چيو ته اڄڪلهه فسطائيت چوٽ تي آهي حڪومت تي تنقيد جو نتيجو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ رد ٿيڻ جي صورت ۾ نڪرندو پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اوهان اليڪشن ڪميشن جي چيف اليڪشن ڪمشنر يا ميمبر کان سوال يا تنقيد نٿا ڪري سگهو وردي ۾ موجود ڪنهن فرد کان سوال نٿا ڪري سگهو پنهنجي بيان ۾هن چيو ته مخالف ۽ صحافي جيڪي فهد حسين جي رستي تي نه پيا هلن انهن سان جسماني ۽ زباني زيادتي ٿي سگهي ٿي ڊاڪتر شيرين مزاري چيو ته اهي هاڻي اغوا ٿي سگهن ٿا مخالفن تي ڪوڙي ايف آئي آر تحت ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو.










