اڄ کان 4 مئي تائين ملڪ جي مختلف حصن ۾ برسات جو امڪان

اڄ کان 4 مئي تائين ملڪ جي مختلف حصن ۾ برسات جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اڄ کان ملڪ جي مختلف حصن ۾ برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، اڄ کان 4 مئي تائين اسلام آباد، مري، گليات، اپر پنجاب، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ۽ ڳڙي جو به امڪان آهي.ان دوران، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ 2 کان 5 مئي تائين برسات جو امڪان آهي، جنهن دوران سکر، ميرپورخاص، خيرپور، ٿرپارڪر، سانگهڙ ۽ عمرڪوٽ ۾ به ڪڪر ڇانئجي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو