اڄ جو امن ۽ آزادي شهيدن جي قربانين جي ڪري آهي: چيف

اڄ جو امن ۽ آزادي شهيدن جي قربانين جي ڪري آهي: چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته شهيدن جو احترام هر پاڪستاني لاءِ مقدس آهي ۽ اڄ جو امن ۽ آزادي انهن شهيدن جي قربانين جي ڪري آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جي ايڇ ڪيو ۾ ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي جتي آفيسرن ۽ جوانن کي ستاره امتياز ملٽري ۽ بسالت ميڊل ڏنا ويا. تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته شهيد ۽ غازي اسان جو فخر آهن، ۽ شهيدن جو احترام هر پاڪستاني لاءِ مقدس آهي.جنرل عاصم منير وڌيڪ چيو ته اڄ جو امن ۽ آزادي انهن شهيدن جي قربانين جي ڪري آهي. شهيدن جون قربانيون مادر وطن لاءِ بي مثال ۽ ناقابل فراموش آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو