ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ۾ ايئرلائنز کي انتظامي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن سبب اڄ 86 اڏامون رد جڏهن ته 59 اڏامون دير جو شڪار ٿي ويون آهن. فلائيٽ شيڊيول موجب ملڪ جي مختلف هوائي اڏن تان رياض لاءِ ويندڙ 34 اڏامون رد ڪيون ويون آهن. ڪراچي ۽ لاهور وچ ۾ هلندڙ چئن اڏامن، پي ڪي 302، پي ڪي 303، پي اي 401 ۽ پي اي 402، ۾ پنج ڪلاڪن تائين دير ٿي آهي. ڪراچي ۽ لاهور کان اسڪا ردو ويندڙ اڏامن ۾ به هڪ کان ڏيڍ ڪلاڪ تائين دير رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ۽ ڪابل وچ ۾ هلندڙ اڏامن ايف جي 307 ۽ ايف جي 308 ۾ ست ڪلاڪ دير ٿي آهي. دبئي کان ملتان ايندڙ اڏام پي اي 811 ۽ جدي کان ايندڙ اڏام پي ايف 723 ۾ ساڍا ست ڪلاڪ دير ٿي وئي آهي. ان کانسواءِ اسلام آباد کان ڪراچي ويندڙ هڪ خانگي ايئرلائن جي اڏام ۾ نو ڪلاڪن جي دير ڪئي وئي آهي. فلائيٽ شيڊيول موجب اڏام پي اي 201 اڄ شام ڇهين وڳي اسلام آباد کان رواني ٿيندي.










