لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس دير جو شڪار ٿي ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ميمبرز جي عدم دلچسپي ۽ غير حاضري سبب بجيٽ اجلاس وقت سر شروع نه ٿيو پنجاب اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس جي صدارت اسپيڪر پرويز الاهي ڪندو، پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ طرفان اجلاس ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو ويو آهي پنجاب ڪابينا 3 هزار 226 ارب رُپين جي ماليت واري بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، صوبائي وزير اويس لغاري پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ پيش ڪندو، پگهارن ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جا امڪان آهي










