اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن طرفان پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ايل پي معاملي تي سخت تنقيد ڪئي وئي جڏهن ته مذهبي معاملن واري وزير نورالحق قادري چيو آهي ته مذهبي پارٽي سان گڏ ڳالهين جا 2 دور ٿي چڪا آهن ۽ حڪومت ڳالهين ذريعي معاملو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پئي. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران لاهور واقعي تي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته ختم نبوت جي معاملي تي اسان ٽي ايل پي کان پوئتي نه آهيون. مذهبي معاملن وارو وزير نورالحق قادري ان حوالي سان تفصيلي بيان ڏيندو. شيخ رشيد جي بيان تي پيپلز پارٽي جي راجا پرويز اشرف چيو ته حڪومتي نااهلي سبب ڀاءُ ڀاءُ سان وڙهي رهيو آهي. اسان سڀ رسول پاڪ جا غلام آهيون. حڪومت نفرتون پکيڙي رهي آهي. حڪومت جو ڪم آهي ته هو دلين کي جوڙي پر هتي سياست ڪئي پئي وڃي. وزير پنهنجي ذميواري هڪ ٻئي مٿان وجهي رهيا آهن. ڇا مديني جي رياست ۾ ائين ٿيندو آهي؟ هن چيوته گهرو وزير شيخ رشيد ايوان جي توهين ڪري هليو ويو آهي. اوهان خبر ته وٺو ته هن وقت گهرو وزير جي گهر آڏو ڇا ٿي رهيو آهي. حڪومت تحريڪ لبيڪ سان ڪيل معاهدو ايوان ۾ ڇو نه آندو. وزيراعظم کي قوم کي خطاب ڪرڻو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ اچي تقرير ڪري. حڪومت طرفان وفاقي وزير پير نورالحق قادري چيو ته نبي پاڪ جي محبت ۾ پوري قوم گڏ آهي. گذريل ڏينهن جيڪو ڪجهه ٿيو اسان کي به ان تي ڏک آهي. ٽي ايل پي سان ڪيل معاهدي تحت اسان معاملي کي پارليامينٽ ۾ آڻڻ جا پابند هئاسين. گذريل 4 مهينن کان اسان هن معاملي تي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي.آخري ڳالهيون جيڪي ٿيون هيون ان ۾ معاهدو پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻو هو اڃان ڳالهيون حتمي نه ٿيون ته مارچ جون تياريون شروع ڪيون ويون. وڊيو سامهون آئي ۽ رستا بند ڪرڻ جي اطلاع ملي ته حڪومت رستا کولي رکڻ لاءِ ايڪشن کنيو. نورالحق قادري وڌيڪ چيو ته حڪومت جي پاليسي ڳالهين کي جاري رکڻ جي آهي. مذهبي پارٽي سان ڳالهين جا 2 دور ٿي چڪا آهن. ٽيون دور اڄ تراويح کان پوءِ ٿيندو. اسلام جي جيتري وڪالت عمران خان عالمي سطح تي ڪئي ان کان اڳ ڪنهن به ناهي ڪئي. هن چيو ته عمران خان هميشه هميشه لاءِ توهين رسالت جو رستو روڪيندو. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي جي يو آءِ(ف) جي مفتي عبدالشڪور چيو ته ڇا عمران خان ۽ ان جي حامين پوليس تي حملو نه ڪيو هو، ڇا هن تي پي ٽي وي تي حملو ڪندي گوليون هلايون ويون هيون، باهيون، گهيراءُ ۽ ڌرڻا هڻندڙ پاڻ اقتدار ۾ آيو ته گوليون وسايون ويون. تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن تي ظلم ٿيو، اسان هنن سان گڏ آهيون. گهرو وزير کي هن ايوان کي منهن ڏيڻ گهرجي. پارلياماني معاملن جي وزير علي محمد خان چيو ته هن ايوان جي تاريخ گواهه آهي ته هن هميشه ختم نبوت تي پهرو ڏنو. علي محمد خان جي تقرير دوران اپوزيشن نعرا لڳائڻ شروع ڪري ڏنا ته خان سان گڏ آهيو يا ايمان سان گڏ آهيو. جنهن کان پوءِ اسپيڪر اسد قيصر قومي اسيمبلي جو اجلاس خميس جي ٻنپهرن جو 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.










