اٽي جي بحران جي مونکي ته خبر ئي ناهي، صدر علوي

اٽي جي بحران جي مونکي ته خبر ئي ناهي، صدر علوي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي صدر عارف علوي چيو آهي ته مونکي خبر ئي ناهي ته ملڪ ۾ اٽي جو بحران آهي. اهڙو اظاهر هن ڪراچي ۾ دل جي اسپتال ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. جڏهن کائنس پڇيو ويو ته ملڪ ۾ اٽي جو بحران هلي رهيو آهي ۽ اٽو 70 روپيا ڪلو پيو وڪامي ته هن چيو مونکي ته خبر ئي ناهي. جڏهن کائنس پڇيو ويو ته اوهانجي حڪومت شيون سستيون ڪرڻ جو نعرو هنيو هو پر روز مهانگائي وڌي رهي آهي ته هن چيو ته اصل م اسانکي اندازو نه هو ته خزانو خالي آهي پر ڪوشش آهي ته جلد سستائپ ڪريون. هوڏانهن سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته کيس صدر جي اڻ ڄاڻائي واري ڳالهه هن کي سٺي لڳي آهي. هن چيو ته گهٽ ۾ گهٽ صدر صاحب فردوس عاشق جيان بونگي ته نه هنئين.

پهنجو تبصرو موڪليو