اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ اٽي جو اگهه ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.ڪوئيٽا جا شهري مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ في ڪلو اٽو 115 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي.شماريات واري اداري موجب ڪوئيٽا ۾ اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جو گهٽ ۾ گهٽ اگهه 2300 رپيا ۽ ڪراچي ۾ 2200 رپيا آهي.جڏهن ته ڪوئيٽا جي شهرين جو چوڻ آهي ته شهر ۾ اٽي جو 20 ڪلو ٿيلهو 2600 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ڪوئيٽا ۾ بيڪرين اٽي جي اگهن ۾ واڌ خلاف هڙتال ڪئي هئي ۽ ماني جي اگهن ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو هو.شماريات واري اداري موجب هلندڙ هفتي مهانگائي جي مجموعي شرح ۾ 0.58 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي آهي، پياز جي قيمت ۾ 73 رپيا في ڪلو ۽ ٽماٽو 14 رپيا 46 پئسا سستو ٿي ويو آهي. ان کان علاوه گھي جي في ڪلو قيمت ۾ 3 رپيا گھٽتائي ٿي آھي.اٽي جو 20 ڪلو ٿيلهو 51 رپيا 75 پئسا مهانگو ٿي ويو، جڏهن ته انڊا 9 رپيا في درجن، چنا جي دال 4 رپيا في ڪلو ۽ ماش جي دال 3 رپيا 29 پئسا في ڪلو مهانگو ٿي ويو.










