ايڪشن ڪميٽي پاران ڊرينيج سسٽم ناڪارا هئڻ خلاف احتجاج

ايڪشن ڪميٽي پاران ڊرينيج سسٽم ناڪارا هئڻ خلاف احتجاج

نوشهرو فيروز (ن سنڌيار)نوشهرو فيروز شهر مان برساتي ۽ ڊرينيج جو گندو پاڻي نه ڪڍرائڻ خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ محمد يونس راڄپر پاران ايڊووڪيٽ سيد منظور شاھ، ۽ ايڊووڪيٽ غلام مجتبي سومرو جي معرفت داخل درخواست تي سول ۽ جڊيشنل معجسٽريٽ جج ڊي سي، ميونسپل ڪميٽي آفيسر ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئر کي نوٽس جاي ڪندي 28 جولاء تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو ٻئي طرف شهر مان برسات ۽ ڊرينيج جو گندو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف شهرين پاران ميونسپل ۽ پبلڪ هيلٿ انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي شهري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ محمد يونس راڄپر، نيشنل پريس ڪلب جي صدر ايم ظفر تڳر، سهيل منگي ۽ ٻين ڪئي مظاهري دوران هنن چيو ته شهر جا روڊ رستا، اسڪول، سول اسپتالن سميت سڄو شهر مينهن ۽ ڊرينيج جي گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ آهي پر افسوس جو ڪرپٽ آفيسر توڙي چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آھن. اسٽيشن روڊ، اللّٰه وارو چوڪ، مٺياڻي روڊ، الریاض ڪالوني، پڊعیدن روڊ گندي پاڻي ۾ ڀرجڻ ڪري شهري سخت ڏچي اچي ويا آهن جڏهن ته ماهوار ڪروڙين رپيا هڙپ ڪيا پيا وڃن ۽ ويزا سسٽم تي وائيٽ ڪالر سوئيپر ۽ ڪلرڪ گهر ويٺي پگهارون کڻن پيا انهن کان به منٿليون اوڳاڙيون وڃن ٿيون هنن چيو ته ڪرپٽ عملدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪري شهر مان برسات ۽ ڊرينيج جي پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو