ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايڪسائيز پوليس شهداد ڪوٽ ايڪسائيز انسپيڪٽر علي احمد عباسي جي اڳواڻي ۾ نصيرآباد چيڪ پوسٽ تي هڪ شڪي ڪار جي تلاشي دوران 20 ڪلو چرس هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. تفصيل موجب نصيرآباد چيڪ پوسٽ تي چيڪنگ دوران 20 ڪلو چرس هٿ ڪري هڪ جوابدار غلام شبير کي گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي. چرس گاڏي نمبر بي بي بي 569 مهراڻ مان هٿ ڪيو ويو. جوابدار رتو ديرا جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي. صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ اينٽي نارڪوٽڪس مڪيش ڪمار چاولا ڪامياب ڪارروائي تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته کاتي جا آفيسر منشيات فروشن خلاف پنهنجي ڪارروائي جاري رکندا. .










