ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو شهر جي مختلف امام بارگاهن جو دورو ڪيو.پوليس ترجمان موجب ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو حسينيه ايرانيان امام بارگاهه بغدادي ڪراسنگ، باره امام بارگاهه کھارادر، امام بارگاهه پي اي سي ايڇ ايس، عباس ٽائون، امام بارگاهه يثرب ۽ امام بارگاهه صبا ايونيو جو دورو ڪيو.ڪراچي پوليس چيف امام بارگاهن جي منتظمين سان ملاقات ڪري سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو پڻ امام بارگاهن ۽ ڀرپاسي جي سيڪيورٽي قدمن جو جائزو ورتو.ان موقعي تي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو اتي مقرر پوليس اهلڪارن کي هدايت ڪئي ته سڪيورٽي پلان موجب فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي.هن چيو ته عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.










