ايٽمي بجلي گهر تي حملو، يوڪرين باهه وسائڻ ۾ ڪامياب

ايٽمي بجلي گهر تي حملو، يوڪرين باهه وسائڻ ۾ ڪامياب

ڪيف(ويب ڊيسڪ) يوڪرائين جي شهر زيپورزهزيا Zaporizhzhia  جي ائٽمي پاور پلانٽ ۾ لڳل باهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي، ڪو به ماڻهو فوت يا اخمي ناهي ٿيو، هي يورپ جو سڀ کان وڏو  ايٽمي بجلي گهر آهي. روسي گولا باري کان پوء. يوڪرين جي ذميوارن باهه وسائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. يوڪرين جي اسٽيٽ ايمرجنسي سروسز چيو آهي ته باهه مان ڪو به متاثر نه ٿيو، جنهن ري ايڪٽر جي سائيٽن کي متاثر نه ڪيو پر هڪ ويجهي پنج منزله ٽريننگ سائيٽ ڪجهه متاثر ٿي آهي. روس جي حملي جي مغربي ملڪن جي اڳواڻن فوري طور تي مذمت ڪئي آهي. جن ان کي “خوفناڪ” ۽ “لاپرواهي” وارو عمل قرار ڏنو آهي، جنهن سڄي يورپ جي حفاظت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. يوڪرين جي صدر زيلنسڪي هڪ ڪلاڪ اڳ ٻين قومن تي زور ڀريو هو ته هو پوتن جي ”ايٽمي دهشتگردي“ خلاف فوري طور تي وڌيڪ ڪارروائي ڪن. هن يورپي يونين تي زور ڀريو ته ”جاڳو“ عالمي تباهي جي امڪان لاءِ جيئن 1986 جي چرنوبل ايٽمي خرابي وقت اوهان فوري ڪاروائي ڪئي هئي، هن چيو ته روس تاريخ ۾ پهريون ملڪ هو جنهن ايٽمي پاور پلانٽ تي بمباري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻئي پاسي روس يوڪرين جي ڏکڻ ۾ پنهنجي مهم کي مضبوط ڪري رهيو آهي، جتي ٻه ڏينهن اڳ ڪيرسن تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ ماريوپول جي اهم شهر تي ڪنٽرول ڪيو هو. 10لک کان وڌيڪ پناهگير هاڻي يوڪرين مان پاڙيسري ملڪن ۾ منتقل ٿي ويا آهن. روس ۽ يوڪرين ٻنهي شهرن جي متاثرين کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ”انسان دوستي واري ڪوريڊور“ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو