ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اينڪر مريد عباس سميت ٻن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوبدارن عاطف زمان ۽ سندس ڀاءُ عادل کي جيل مان پيش نه ڪرڻ تي سندن مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري ڪارروائي 10 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت اهڙو حڪم سومر تي ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ٻڌڻي جي موقعي تي مقتول اينڪر مريد عباس جي بيواه زارا عباس ۽ سندس ٻيا گهر ڀاتي پڻ پهتا جتي اهي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين انتطار ڪندا رهيا پر جيل اختيارين ٻنهي جوابدارن کي پيش ئي نه ڪيو. ان موقعي تي مقتول مريد عباس جي بيوهه زارا عباس ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اسان صبح 8 وڳي کان عدالت ۾ ويٺا آهيون هاڻ پتو پيو آهي ته جوابدارن کي جيل مان آندو ئي ناهي ويو. هن چيو ته جيل پوليس جوابدارن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي.










