لاهور (ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪرپشن پنجاب پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر دوست محمد مزاري کي سرڪاري زمينن تي قبضي جي الزام ۾ طلب ڪري ورتو.ترجمان اينٽي ڪرپشن پنجاب موجب دوست مزاري کي سرڪاري زمينن تي قبضي جي الزام ۾ طلب ڪيو ويو آهي، زاهد مزاري، شير محمد مزاري ۽ معظم مزاري کي به طلب ڪيو ويو آهي.اينٽي ڪرپشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته دوست محمد مزاري تي جعلي دستاويزن ذريعي سرڪاري زمينن تي قبضو ڪرڻ جا الزام آهن، اينٽي ڪرپشن پنجاب سرڪاري زمينن تي قبضن جي معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي.دوست محمد مزاري ۽ ٻين کي 11 آڪٽوبر تي لاهور هيڊڪوارٽر طلب ڪيو ويو آهي، دوست مزاري کي 1 وڳي ڊائريڪٽر ويجيلنس هيڊڪوارٽر جي آفيس ۾ پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.اينٽي ڪرپشن ترجمان موجب اسسٽنٽ ڪمشنر روجهان، تحصيلدار ۽ سرڪل پٽواري کي به رڪارڊ سميت طلب ڪيو ويو آهي.










