ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ جي هدايتن تي عملدرآمد ڪندي اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ پاران پاڻي چورن جو گھيرو تنگ ڪندي موچڪو ٿاڻي جي حد ۾ ڪٽو ڳوٺ ۾ واٽر مافيا خلاف آپريشن دوران 33 انچ قطر واري لائين مان پاڻي چوري جو نيٽ ورڪ ختم ڪري ڇڏيو، انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل تابش رضا حسنين ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ايڇ ٽي ايم اظھار ھاشمي جي سربراهي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، ان موقعي تي انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل جو چوڻ هو تہ واٽر مافيا 33 انچ قطر جي لائين ٽوڙي تلاءَ وانگر ڍنڍ ٺاهي ان ۾ پاڻي جمع ڪندي ٽينڪرز ذريعي پاڻي چوري ڪري شهر جي مختلف علائقن ۾ وڏي اگھ تي وڪرو ڪيو ويندو ھو، ھن چيو تہ پاڻي چوري جو ڪيس نئين قانون تحت لاڳاپيل ٿاڻي ۾ ملوث جوابدارن خلاف داخل ڪرايو ويندو، ان موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ انجينئر سيد صلاح الدين احمد جو چوڻ هو تہ پاڻي چوري ۾ ملوث جوابدار ڪنهن بہ رعايت جا مستحق نہ آهن جڏھن تہ جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏيارڻ لاءِ سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ھن انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل کي ھدايتون جاري ڪندي پابند ڪيو تہ شهرين جي حصي جو پاڻي چوري ڪندڙن خلاف آپريشن جو دائرو وسيع ڪيو وڃي.










