ايندڙ بجيٽ ۾ 700 ارب روپين جا نوان ٽيڪس لڳندا

ايندڙ بجيٽ ۾ 700 ارب روپين جا نوان ٽيڪس لڳندا

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ 700 ارب کان وڌيڪ ماليت جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا ويندا، آءِ ايم ايف جي مشاورت سان ايف بي آر لاءِ 9200 ارب ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ايف بي آر ايندڙ مالي سال ۾ هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ 1900 ارب وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪندي، ميوچل فنڊز تي 30 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نان فائلرز لاءِ سيڙپڪاري ٽرسٽ تي به 30 سيڪڙو ٽيڪس لڳندي. فنانس بل تيار ڪيو ويو آهي جنهن موجب بجيٽ ۾ امپورٽ لگزري سامان تي ود هولڊنگ ٽيڪس ۾ اضافو ٿيندو، پراپرٽي سيڪٽر ٽرانزيڪشن ڪندڙ نان فائلرز لاءِ ود هولڊنگ ٽيڪس ٻيڻو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح نان فائلرز لاءِ پرائز بانڊز جي خريد ۽ وڪري تي ود هولڊنگ ٽيڪس ٻيڻو ڪيو ويندو، نان فائلرز لاءِ پلاٽن جي خريداري ۽ وڪري تي ود هولڊنگ ٽيڪس ٻه ٻيڻو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو