اسلام آباد (بيورو) نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ اين پي سي جي ميمبرن ۽ سندن فوت ٿيلن جي وارثن لاءِ اجتماعي فاتحه خواني ڪئي وئي، جنهن ۾ اين پي سي جي فنانس سيڪريٽري نير علي، آر آءِ يو جي جنرل سيڪريٽري طارق علي ورڪ، فنانس سيڪريٽري ذيشان اڪمل، اين پي سي جي گورننگ باڊي جي ميمبر عامر رفيق بٽ، راجا بشير ۽ ٻين شرڪت ڪئي. عثماني، راجا ابرار ۽ آر آءِ يو جي جي اڳوڻي صدر مبارڪ زيب خان سميت ٻهراڙين جي سينيئر صحافين، سياسي سماجي شخصيتن سميت مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي فوتين ۾ ڪاشف رفيق جو ننڍو ڀاءُ شعبيا مشرف جو والد شهناز تاتاري، راجا تنوير ڌنيال جي ماءُ، رازق محمود ڀٽي جي ڪزن،شوڪت ملڪ جي زال تيمور اقبال جدون جو چاچو،عرفان حيدر جي ماءُ،سجاد حسين ۽ عرفان حيدر جو سئوٽ،راجا خالد محمود جو والد،رضوان شهزاد جي ماءُ،محمد افضل باجوه جو والد،لقمان شاهه جي ڀاءُ جي گهرواري،مبارڪ زيب جو وڏو ڀاءُ،ادريس اعواڻ جو چاچو، محمد عامر سما ٽي وي،ڪنور اقبال جي زال، ممتاز اعواڻ جو والد،ميان ابرار حسين جي ماءُ،ميان فضل الاهي جو سهرو،ملڪ عامر صديق جو مامو،راجا ابرار حسين جو ماروٽ،راجا عبدالوحيد جنجوعه ۽ راجا عبدالحميد جنجوعه جو والد ،سجاد ڀٽي جي ڀيڻ،، محمد حسين بلغاري جو والد، مبارڪ ورڪ جو ڀيڻويو، عبدالجبار فيصل جو مامو،محمد خالد جميل جو والد،عامر رياض خان جو سهرو ۽ عمر فاروق جو پيءُ شامل آهن.










