اين آر او نه وزير اعظم جي استعيفيٰ گهرجي،ڪائره

اين آر او نه وزير اعظم جي استعيفيٰ گهرجي،ڪائره

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)  پاڪستان پيپلز پارٽي  پنجاب جي صدر قمر زمان ڪائره چيو آهي ته وزيراعظم صاحب  اسان کي اين آر او نه اوهان جي استعيفيٰ گهرجي.هن چيو ته مشرف اسان کي اين آر او ڏيڻ وارو ڪير هو، اسان ته ان کان به استعيفيٰ ورتي هئي  هن چيو ته وزيراعظم ۽ سندن ترجمانن جي بوکهلاٽ ٻڌائي رهي آهي ته اهي وڃڻ وارا آهن.وزيراعظم  ڊيليور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي هاڻ انهن جو صرف ڌمڪين تي گذارو آهي. قمر زمان ڪائره چيو ته وزيراعظم جي تقرير ۾ تڪبر لڳي رهيو آهي اهائي ان جي زوال جي وڏي نشاني آهي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم چيو هو ته مون کي ڪرسي ڇڏڻي پئي ته ڇڏي ڏيندس پر ملڪ سان غداري نه ڪندس ۽ ڪنهن کي به اين آر او نه ملندو.

پهنجو تبصرو موڪليو