ايمان مزاري ۽ هادي جي 2 ڪيسن ۾ ضمانت منظور

ايمان مزاري ۽ هادي جي 2 ڪيسن ۾ ضمانت منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا کي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت ڏئي ڇڏي آهي.دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي.ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ پريس ڪلب جي ٻاهران احتجاج جي ڪيسن ۾ ضمانت ڏني وئي آهي.عدالت 5 هزار رپين جي مچلڪن تي ضمانت منظور ڪئي.عدالت لاڳاپيل ڪيسن ۾ ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا کي آزاد ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو