ايم ڪيو ايم ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اختلاف شروع

ايم ڪيو ايم ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اختلاف شروع

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ ضم ٿيڻ کانپوءِ ملڪ جي سمورن گروپن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اختلاف پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪجهه سينيئر اڳواڻن ماضي ۾ ايم ڪيو ايم خلاف سخت بيان بازي ۽ مهاجرن جي وجود کي دفن ڪرڻ جهڙا بيان ڏيندڙ اڳواڻن کي ڏنل اعليٰ عهدن جي ايم ڪيو ايم ۾ واپسي تي ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي.تفصيل موجب اڳوڻو ميئر ڪراچي وسيم اختر، سينيئر اڳواڻ خواجا اظهار الحسن ۽ رابطا ڪميٽي جا ٻيا ميمبر به پارٽي جي ڪيترن ئي فيصلن کان ناخوش آهن، جنهن سبب انهن اڳواڻن پارٽي ڇڏڻ بابت سوچڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن مان ڪجهه اڳواڻ پ پ جي صوبائي قيادت سان رابطي ۾ آهن ۽ انهن جون ٻه ٽي ملاقاتون سنڌ جي هڪ صوبائي وزير جي گهر به ٿي چڪيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو