ايم ڪيو ايم جي رسي سڙي وئي پر وڪڙ اڃان ناهي ويو: شهلا رضا

ايم ڪيو ايم جي رسي سڙي وئي پر وڪڙ اڃان ناهي ويو: شهلا رضا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)صوبائي وزير وومين ڊولپمينٽ سنڌ سيده شهلا رضا تعليمي باغ ۾ سيف هائوس کي باهه ڏيڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏنو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته متحده جي رسي سڙي وئي پر ور اڃان ناهي ويو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جا ميمبر تعليم باغ ۾ سيف هائوس نه کولڻ لاءِ مسلسل دٻاءُ وجهي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته سندن علائقي ۾ اثر رسوخ آهي ان ڪري هتي اهڙي ڪا ڪارروائي نه ڪئي وڃي. هن چيو ته سيف هائوس کولڻ کان اڳ سڄي علائقي ۾ سيف هائوس خلاف بينر لڳايا ويا هئا. اخبارن ۾ ڪوڙن ۽ بي بنياد خبرون لڳايون ويون ۽ ڊپٽي ڪمشنر سينٽرل سان به ملاقات ڪري مٿس دٻاءُ وڌو ويو. هن چيو ته عدالتي حڪمن جي روشني ۾ سيف هائوس کي مظلوم عورتن جي پهرين پناهه گاهه طور کوليو ويو، جڏهن ته عدالتي حڪمن تي ڊپٽي ڪمشنر سڌو سنئون سيف هائوس جو چيئرمين آهي. هن چيو ته سيف هائوس کي ڪنهن سياسي سرگرمي لاءِ استعمال ناهي ٿيندو. هن چيو ته اسان ڊپٽي ڪمشنر سينٽرل کي سيف هائوس کولڻ لاءِ جاءِ ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي، تنهنڪري هنن اسان کي جاءِ ڏني اسان اتي ئي سيف هائوس کوليو ، جڏهن ته وڌيڪ جاين لاءِ درخواستون پڻ ڪئي وئي. هن چيو ته هاڻي سيف هائوس ۾ ڪرپشن جا الزام لڳايا پيا وڃن، جڏهن ته اڃا تائين ڪابه خريداري نه ڪئي وئي آهي اتي فقط چند استعمال ٿيل پلنگ، صوفا ۽ ڪرسيون رکيل هيون، جنهن کي بعد ۾ اپ گريڊ ڪرڻو هو. هن چيو ته شڪر آهي ته باهه لڳائيندڙ جوابدار کي رينجرز گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ هاڻي گرفتار جوابدارن جي جاچ کانپوءِ عوام کي سيف هائوس کي باهه ڏيڻ جا مقصد معلوم ٿي ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو