ڪراچي( اسٽاف رپورٽر)ايم ڪيو ايم پاڪستان حڪومت ۾ رهڻ يا ڌار ٿيڻ بابت عوام جي راءِ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پارٽي جي سربراهه خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ماڻهن وٽ وڃي ايندڙ لائحه عمل لاءِ عوام کان پنهنجي راءِ وٺندي. هن چيو ته سرڪار کي سڀني تحفظات ۽ حڪمت عملين بابت ٻڌائي پوءِ عوام ڏانهن وڃي رهيا آهيون .پهريون مطالبو مردم شماري جي درستگي آهي اسان جو مطالبو ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ نه هو.










