ايم پي ايز کي 50 ڪروڙن جي آڇ،  زرداري کي جيل ۾ وڌو وڃي: عمران خان

ايم پي ايز کي 50 ڪروڙن جي آڇ، زرداري کي جيل ۾ وڌو وڃي: عمران خان

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان الزام لڳايو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ لاءِ پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن کي خريد ڪرڻ لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي آڇ ڪئي پئي وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته اڄ وري لاهور ۾ سنڌ هائوس هارس ٽريڊنگ جهڙا منظر نظر اچي رهيا آهن. هن دعويٰ ڪئي ته ايم پي ايز کي خريد ڪرڻ لاءِ 50 ڪروڙ رپيا ڏنا پيا وڃن، ان راند جي پويان آصف زرداري آهي، جنهن تي ڪرپشن جا الزام آهن، هو لٽيل دولت سان ماڻهن کي خريد ڪري رهيو آهي. عمران خان چيو ته آصف زرداري کي جيل ۾ وڌو وڃي، اهو نه رڳو اسان جي جمهوريت پر اسان جي معاشري جي اخلاقيات تي به حملو آهي. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ پارٽيون بدلائڻ وارن تي تاحيات پابندي لڳائي ڇڏي ها، تورڪ ٿڌ به بند ٿي وڃي ها، ڪرتا ڌرتا جيڪي امپورٽڊ حڪومت کڻي آيا، ان کي احساس ناهي ته قوم کي سخت نقصان پهچايو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو